اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار ڪراچي کان سکر مو??ر وي جي تعمير هلندڙ سال 2025ع ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي سکر مو??ر وي پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور تي شروع ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن خاص کات??وا?? اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ان مو??ر وي جي شروعات ڪراچي پورٽ کان ٿيندي ۽ ان کي سکر مو??ر وي سان ڳنڍيو ويندو، اهڙيءَ طرح ڪراچي کان سکر مو??ر وي کان پوءِ ملڪ ۾ نارٿ، سائوٿ مو??ر وي جو نيٽ ورڪ مڪم?? ٿي ويندو. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي سکر مو??روي پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ميسر نه ٿي ته حڪومت پاڻ ان مو??ر وي جو خرچ کڻندي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ 25 سالن ۾ اها مو??ر وي حڪومت کي 3 هزار ارب رپيا منافعو ڪمائي ڏيندي. هن چيو ته ڪراچي سکر مو??ر وي جو ڪم انشاءَ الله 2025ع ۾ جلد کان جلد شروع ڪري ڇڏيندي ته جيئن قومي ??رقي جي ان اهم منصوبي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي.