اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) خيبرپ??تو??خواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاح?? تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي سان ڳ??له??ئيندي ڪيو، جنهن هن سان خاص ملاقات ڪئي. مسلم ايڊ پاران ڪي پي ڪي جي علائقي چترال ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ اپر لوئردير ۾ تنظيم جي فلاحي ڪمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. گورنر ??يو ته ڪي پي ڪي جي ڏکڻ وارن ضل??ن ڊيره اسماعيل خان، ٽانڪ، لڪي، بنون، ڪرڪ ۽ وزيرستان جا رهواسي پڻ سماج?? تنظيمن جي امداد جا منتظر آهن. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم جي متاثرن کي رمضان المبارڪ کان اڳ کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ خيما فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انجمن هلال احمر ڪي پي ڪي جو چيئرمين حبيب ملڪ اورڪزئي پڻ ان موقعي تي موجود هو.