اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته لشڪر ڪشي بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا اٿارڻ بهترين طريقو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن ??رفان اٿاريل نقطن جو ??وا?? ڏيندي هن چيو ته ??ولز آف بزنس تحت پارلياماني سيڪريٽري وزير جي غير موجودگي ۾ سوالن جا ??وا?? ڏئي سگهن ٿا. اسان سخت محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ خدشا حڪومت تائين پهچائينداسين. هن چيو ته لشڪر ڪشي بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا اٿارڻ بهترين طريقو آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئون ماهر معاشيات ته ناهيان پر ڪجهه شين کي درست ڪرڻ ضروري آهي. پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا، مهانگائي گهٽ ٿي آهي ته ??ن جي نتيجي ۾ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، تنقيد ڪرڻ گهرجي پر سٺن قدمن جي واکاڻ به ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??سٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري آئي آهي، وزيراعظم روزانو ٻه ٽي اجلاس سيڙپڪاري ۽ معيشت جي حوالي سان ڪري رهيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ڪالهه جيڪي انگ اکر جاري ڪيا آهن ان سان حڪومت جي پاليسين ۽ ڪارڪردگي جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ان کان اڳ ??خالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته ??ڪومت جي دعوائن جي ابتڙ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي نه اچي رهي آهي، هن چيو ته ??وينيو ۾ اوسر گهٽ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۾ توازن رکڻ لاءِ امپورٽ تي پابندي آهي. هن چيو ته ??سان جا هزارين ڪارڪن جيلن ۾ آهن، اسان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ??ي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. هن چيو ته ??ورشيد شاهه جي صدارت ۾ خصوصي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ اسان جي ميمبرن ??ي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. هن چيو ته هن 5 سوال ۽ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو هو پر ان کي ايجنڊا تي نه آندو ويو آهي. سيد نويد قمر اعتراض واري نقطي تي چيو ته ??والن واري وقفي دوران ڪنهن به وزير ڪنهن سوال جو ??وا?? ناهي ڏنو، پارلياماني سيڪريٽري سهولتن ۽ آساني لاءِ ته ??هتر آهي تنهن هوندي به اها بنيادي ذميواري وزير جي آهي ته هو سوالن جا ??وا?? ڏي. ان معاملي تي چيئر جي رولنگ اچڻ گهرجي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چي??ر طرفان ان تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، اسان ان معاملي تي وزيراعظم کي خط به لکنداسين.