اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني طرفان غير قانوني فون ٽ??پنگ خلاف داخل 28 سال پُراڻي درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. جسٽس محمدعلي مظهر جي انٽيليجنس ايجنسين طرفان فون ٽ??پ ڪرڻ بابت ملڪي قانون جي پُڇاڻي تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته 2013 ع کان هڪ قانون موجود آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي فون ٽ??پ ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته فون ٽ??پنگ جو قانون عدالتي نگراني تحت واضح طريقيڪار سان موجود آهي. جسٽس محمدعلي مظهر سوال جاري رکندي ريمارڪس ڏنا ته قانون فون ٽ??پنگ جي اجازت صرف انهي صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن ڪو حاضر سروس جج اجازت ڏي. ڇا ان حوالي سان ڪنهن جج کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي؟ جسٽس امين الدين خان مدخلت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي تفصيلن ۾ دلچسپي ??اه?? نتيجن ۾ آهي. اٽارني جنرل جج جي مقرريءَ جي حوالي سان اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو م??ام??و ڪيترن ئي ٻين ڪيسن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو م??ام??و چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ئي ٿو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته قانون بنا فرق جي فون ٽ??پ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) عدالت کي ٻُڌايو ته کيس درخواستگذار جو پتو لڳائڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ڏُکيائي درپيش آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو هڪ سال اڳ لاڏاڻو ٿي چڪو آهي. عدالت فون ٽ??پنگ م??ام??ي ۾ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.