اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلا??وس جي پرڏ??هي وزير ميڪسم رائزنڪوف پرڏ??هي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ بيلا??وس جي پرڏ??هي وزير ميڪسم رائزنڪوف ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن ۽ صدر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پاڪستان بيلا??وس لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪست??ن ۽ بيلا??وس جي وچ ۾ ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطح جي دورن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته صدر لوڪاشينڪو جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. هو ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ بيلا??وس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندا جيڪو اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچندو.