اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان کنيل قدم اهميت رکندڙ آهن ۽ ان سان مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ ل??ءِ راهه هموار ٿيندي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سان وروچوئل ميٽنگ ۾ ڪئي. ان موقعي تي ترجيحي شعبن ل??ءِ مالي معاونت جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود، ناڻي واري وزير کي ايسوسيئيشن طرفان جامع ۽ پائيدار مالياتي نظام جي قيام ل??ءِ مختلف من??وبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن تجويز ڏني ته اليڪٽرانڪ ويئر هائوس، ريسيپٽ فنانسنگ، ايس ايم اِي انڊيڪس، ڪارپوريٽ فارمنگ فنانسنگ، فن ٽيڪ ڪمپنين ل??ءِ وينچر ڪيپيٽل فنڊ، زرعي ڪوآپريٽوز جي بحالي ۽ مالياتي ڊيٽا ايڪسچينج جي قيام جهڙا من??وبا مالياتي نظام ۾ ڊگهي مُدي واري تبديلي آڻڻ ل??ءِ اهم ٿي سگهن ٿا. هن پنکن جي فنانسنگ، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فنانسنگ، ٽيوب ويلن جي سولرائزيشن ۽ ايس ايم ايز فنانسنگ ل??ءِ مارڪ اپ سبسڊي ۽ فرسٽ لاس ڪوريج جهڙن قدمن جي به تجويز ڏن?? جيڪي فوري طور اثر وِجهي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ناڻي واري وزير کي پي بي ا?? جي تجويز ڪيل مختلف من??وبن تي اڳڀرائيءَ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي بي اي طرفان پيش ڪيل ڪجهه تجويزون بلڪل واضح آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان جي عملدرآمد ل??ءِ ض??ور?? نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ تجويز ڏني ته اهڙيءَ طرح جي تجويزن تي عملدرآمد ل??ءِ لاڳاپيل حصيدارن وچ ۾ خاص ڪري ٽيليڪام ۽ پاور ڪمپنين سان مشاورت کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ته جيئن زراعت ۽ ايس ايم ايز شعبن ل??ءِ ڊيٽا جمع ڪرڻ ۽ اسڪور ڪارڊ تيار ڪرڻ جي بنياد تي پائيدار فنانسنگ ل??ءِ قدم کڻي سگهجن. ناڻي واري وزير پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهي قدم نه صرف اهم آهن پر ان ذريعي مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن زور ڀريو ته اهي قدم جيڪي مختصر وقت ۾ اثر وِجهي سگهن ٿا، انهن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ ل??ءِ وقت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن انهن قدمن کي ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪري سگهجي ۽ ايندڙ سال جي شروعات تائين ان کي عملي طور شروع ڪري سگهجي.