باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڊينمارڪ سا?? گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ڊينمارڪ جي وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏي?? دلچسپي جي علائقائي ۽ عا??مي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽ فريڊرڪسن سا?? ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي گرين ٽرانزيشن ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي فروغ سا?? گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي اهم ترجيحن تي عا??مي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڌرتي کي موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچائي سگهجي. هن سا?? پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سا?? مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏي?? دلچسپي جي علائقائي ۽ عا??مي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.