باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گليشيئرز جي تح??ظ جي لاءِ سنجيده، ٺـوس ۽ موثر قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي بقاءَ گليشيئرز جي تح??ظ سان مشروط آهي، گليشيئرز پاڻي جو وڏو ذريعو آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ علائقائي تعاون جي تمام گهڻي اهميت آهي، پائيدار بنيادن تي گليشيئرز جي تح??ظ کي يقيني ب??ائ?? جي لاءِ ڊيٽا شيئرنگ ۽ معياري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪن جي صلاحيت کي مستحڪم ب??ائ??و پوندو، پاڪستان ان ڏس ۾ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ??هي. تاجڪستان جي ميزباني ۾ گليشيئرز جي تح??ظ بابت قدمن جي لاءِ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تاجڪستان جي صدر پاران ان اهم اجلاس جي انعقاد جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ شري?? وفد دنيا خاص طور تي هن خطي ۾ تيزي سان پگهڙجندڙ گليشيئرز جي خاتمي لاءِ پنهنجو موثر حصو وجهي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گليشيئرز جي تح??ظ جي عالمي سال جي موقعي تي هڪ واضح پيغام وڃڻ گهرجي ته گليشيئرز جي منتقلي بدران ان جي پگهڙڻ کي گهٽ ڪرڻ، وائٽل ايڪو سسٽم جي تح??ظ ۽ مستقبل جي لاءِ پاڻي وسيلن کي محفوظ ب??ائ??و ??هي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان وڏي پئماني تي گليشيئرز جو گهر آهي، انهن وسيع ذخيرن جي نقصانن جي روڪٿام اسان جي لاءِ لازمي ??هي. وزيراعظم چيو ته گليشيئرز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جي لاءِ لائيف لائين آهن، انهن گليشيئرز سان دنيا کي 70 سيڪڙو تازو پاڻي ملي ٿو، پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز موجود آهن جنهن مان سنڌو درياءَ جو 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي دستياب هوندو اهي ۽ پاڪستان جي زراعت جو 90 سيڪڙو پاڻي هتي ميسر اچي ٿو ۽ 20 ڪروڙ عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، 1960ع جي مقابلي ۾ گليشيئرز ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ان جي نتيجي ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تيزي سان پگهڙجندڙ انهن گليشيئرز سان پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ڍنڍون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، انهن مان 33 کان ٻوڏ جو شديد خطرو آهي جنهن سان وڏي انگ ۾ زندگين کي خطرو آهي، اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ۽ فوري ڪارروائي جي گهرجائو ??هي. هن چيو ته ”گليشيئرز 2025ع: قدم“ ان بحران طرف عالمي ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ هڪ منفرد ڪوشش آهي، گليشيئرز جي وڌيڪ پگهڙڻ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت ??هي. وزيراعظم چيو ته انهن لائيف سورسز کي محفوظ ب??ائ?? جي لاءِ علائقائي تعاون اهم آهي ۽ انهن ذريعن کي برف جي پگهڙڻ کان روڪڻ تمام ضروري اهي، ان حوالي سان ڊيٽا شيئرنگ ۽ گليشيئرز جي معياري مانيٽرنگ جي لاءِ ملڪن جي صلاحيت کي مستحڪم ب??ائ??و پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گليشيئرز مانيٽرنگ پروگرام، ارلي وارننگ سسٽم، پاڻي جي ذخيري ڪرڻ جي متبادل حل سميت ٻين قدمن جي لاءِ گهربل امداد ۾ اضافي جي ضرورت ??هي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن قدرتي وسيلن جي تح??ظ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، گليشيئرز، ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن ۽ دُنيا جي مستقبل جي تح??ظ جي لاءِ سمورن ملڪن کي متحد ٿي ٺوس قدم کڻڻا پوندا.