اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معذور ماڻه?? لاءِ برابري وارا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن معذور ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ حڪومتي عهديدارن، گڏيل قو??ن جي نمائندن ۽ سماجي شعبي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. وفاقي وزير معذور ماڻهن کي مساوي موقعا فراهم ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ انساني ترقي بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن ويزن 2025ع ۽ ويزن 2010ع تحت انساني ترقي ۽ مساوي موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. احسن اقبال امن، سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مستقل سڌارن کي پائيدار ترقيءَ لاءِ اهم ٿنب قرار ڏنو. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت انهن ٿنڀن کي قومي حڪمت عمليءَ ۾ شامل ڪيو ويو. هن معذور شاگرد?? لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي فراهمي ۽ تعليمي ادارن ۾ ريمپ ۽ ٻين سهولتن جي دستيابي جي منصوبي کي اجاگر ڪيو. ه?? وڌيڪ چيو ته روڊز اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن نور کان محروم پاڪستاني شاگردياڻي خنسا ماريا ج??ڙيون هوشيار شاگردياڻي ٻين معذور ماڻه?? لاءِ همٿ جي علامت آهي. پروفيسر احسن اقبال گڏيل قو??ن جي حڪمت عملي سان هم آهنگيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت فائيو ايز فريم ورڪ تحت هر شهري کي مساوي موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم تي عمل پيرا آهي. هن معذوريءَ کي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي پاڪستاني معاشري کي اپيل ڪئي ته هر ماڻهو جي لِڪل صلاحيتن کي تسليم ڪيو وڃي. هن معذور شاگرد?? لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي تقسيم جي حڪومتي منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان پروگرام معذور شاگردن کي ان قابل بڻايو ته هو آزاداڻي طور تي لائبريرين، ڪلاس رومز ۽ ليبارٽرين تائين پهچي سگهن. ان منصوبي تحت تعليمي ادارن کي معذور شاگردن جي سهولت?? لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ته جيئن انهن کي تعليمي ميدان ۾ به هڪجهڙا موقعا ملي سگهن. گڏيل قومن طرفان معذور ماڻهن جي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت جو عزم گڏيل قو??ن جي حڪمت عمليءَ سان مڪمل هم آهنگ آهي. هن چيو ته اها حڪمت عملي حڪومت جي فائيو ايز فريم ورڪ سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، جنهن جو مقصد هر شهريءَ کي مساوي موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهو اسان جو انساني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي ته ڪوبه شهري جسماني معذوري سبب پوئتي نه رهجي وڃي. هن ويزن 2025ع جي حوالي سان ٻُڌايو ته مساوي ترقي نه صرف حڪومت جي ترجيح آهي پر قومي معاشي ايجنڊا ج?? هڪ اهم ٿنڀ به آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ مساوي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جتي هر شهري ملڪ جي ترقيءَ ۾ مڪمل حصو وٺي سگهي.