اسلام ??باد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ 26هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 95 شرڪت ڪندڙن جي هڪ گروپ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ انهن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، چئلينجز ۽ ٻين معاملن کان آگ??هه ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي پرڏيهي وزارت ۽ ٻا??رئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي ڪم بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. سيشن جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي سيڪريٽري حاضرين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪورس جي شرڪت ڪند??ن سان فڪرانگيز ڳالهه ٻولهه ڪئي.