اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر م??لڪ?? آصف علي زرداري آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي رهائش گاهه تي ويو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان تع??يت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر م??لڪ?? شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي گهرڀاتين سان تع??يت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد لاءِ ف??تحه خواني ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي گ??ري?? ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. صدر م??لڪ?? قوم طرفان شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر م??لڪ?? شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي ۽ سندس خاندان جي وطن سان محبت ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ سندن خاندانن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر م??لڪ?? چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ?? انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندو. صدر م??لڪ?? شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.