نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل م??بوط ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وڌي. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگال?? مان فائدو کڻندي وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا، گڏيل عوامي رابطن، رانديگرن، تعليم?? ماهرن، فنڪارن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراع??م محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.