اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي پارلياماني ??سئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان 16 ميمبرن تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي ٺاهڻ جي رٿ منظوري ڪري ورتي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني ??سئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ ناڻي وا??ي وزارت، حڪومتي ۽ مخالف بئنچن جا ميمبرز ۽ پارلياماني ??عاملن وا??و وزير شامل هوندا، اسپيڪر کي ڪميٽي ۾ تبديلي ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.