اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي ارسا ميمبرن کي گهرائڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ??طلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سد??ئين کان ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا خت?? ٿيڻ گهرجن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پاڻي جي ڊائيورزن جي فيصلي جي حوالي سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سد??ئين ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ??رسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا آهن، اسيمبلي ميمبر هارين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سان اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته ??رسا جي ميمبرن ۽ صوبائي نمائندن کي خصوصي طور تي گهرايو وڃي ته ??يئن تفصيلي بر??فن?? ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي چيو آهي ته ??ن اسيمبلي ميمبرن اهو معاملو اٿاريو آهي انهن کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي ميمبرن کي به گهرايو ويندو جڏهن ته ??يڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا نالا ڏين ته ??يئن انهن کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر محمد احمد چٺا جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??لعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا.