اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌارن وار?? وفاقي وزير احسن اقبال چ??و آهي، ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر آهي جڏهن ته مسئلن جي حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. شفافيت بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشي ترقي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، احسن اقبال چ??و ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي اپنائڻي پوندي. تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي و??ائ?? وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي و??ائ?? لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري ادارن جي تحفظ لاءِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي کي مضبوط ڪري رهي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي و??ائ?? ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي و??ائ?? لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس اي?? ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي کي جديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ماهرن کي دعوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.