لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجه پرويز ا??رف چيو آهي، ته يوم استحصال ڪشمير تي والاريل وادي جي ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيان ٿو، استحصال باوجود ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جاري رهندي، استحصال ڪشمير جا پنج سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ راجه پرويز ا??رف چيو ته ڀارت والاريل وادي جي آئيني سڃاڻپ 5 سال اڳ سازش سان تبديل ڪئي هئي. اڄ به والاريل وادي ۾ 5 لک ڀارتي فوجي موجود آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلمن خلاف عالمي برادري جي خاموشي فڪر جوڳي آهي. راجه پرويز ا??رف چيو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ سلامتي ڪائونسل جي صورتحال جو نوٽيس وٺن، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ آئيني جدوجهد جو سا?? ڏيندو رهندو.