اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ خا?? يونس جي علائقي تي اسرائيلي فورسز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن ??ي فلس??ين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خا?? يونس جي پناهگيرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن جي اندر اندر اهڙو جارحاڻو حم??و انسانيت جي توهين آهي، معصوم فلسطيني پناهگيرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن ??ي فلس??ين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.