عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه جي لاءِ فوري انساني امداد جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ ش??ڪت جي لاءِ اردن جي گادي واري شهر عمان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي اردن جي وزارت عظميٰ جي معاملن بابت وزير ابراهي الجازي، عمان جي گورنر ي??سر العدوان ۽ عمان جي ميئر الشواربه نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني اردن، مصر ۽ گڏيل قومن گڏيل طور تي ڪئي آهي. ڪانفرنس دوران نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه ۾ اسرائيل جي سنگين ڏوهن جي پس منظر ۾ فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندو.