اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ??يڊ??ا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀ??پور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم نئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمود ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايڊيٽرز ۽ نيوز ڊائريڪٽرز جو رياست ۾ مثبت صحافت جي فروغ جي لاءِ ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀ??پور ڪردار ادا ڪندا، ميديا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي ??يڊ??ا جي ترقي ۽ ان کي جديد رخن تي هلڻ لاءِ قدمن ۾ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي.