اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ??ن حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، وز??را??ظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي جي قيادت ۾ بلوچست??ن حڪومت جي وفد شرڪت ڪئي. وفد ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو صوبائي وزير ظهور احمد بليدي، ناڻي وارو صوبائي وزير شعيب نوشيرواني، ماهيگيري وارو پارلياماني سيڪريٽري حاجي برڪت رند، صوبائي اسيمبلي ميمبر مير رحمت صالح بلوچ، حاجي محمد خان، زمرڪ خان اچڪزئي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر شامل هئا. اجلاس ۾ بلوچستان صوبي جي انتظامي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??را??ظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ صوبو آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ نئين صوبائي ڪابينا صوبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ان کي ترقي جي راهه تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وز??را??ظم بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي تائين بلوچستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن فصلن ۽ باغن سان زرعي پيداوار متاثر نه ٿئي. وز??را??ظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم چيو ته صوبي جي نوجوانن کي تعليم ۽ نوڪرين جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن بلوچستان جي عوام ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ڪندي رهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واريو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل ??عليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.