اسلام آب??د – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ??ي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته متاثرين جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرو??ت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين سان گڏ آهن. صدر برسات جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.