اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان قرارداد تي عملدرآمد ضروري آهي، عملدرآمد کانسواءِ اها قرارداد بي مقصد هوندي، پاڪستان آزاد رياست جي پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿاريندو رهن??و. ??و وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايڪسي لينس ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، ان قرارداد تي عملدرآمد ضروري اهي، ان کانسواءِ ان قرارد??د جو ڪو ڪو مقصد نه هون??و. ??ن چيو ته غزه ۾ معصوم فلسطينين تي جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي مستقل طور تي بند ٿيڻ گهرجي. غزه ۾ ڇهن ??هينن ۾ عورتن ٻارن سميت هزارين فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو ۽ موجوده دور جي بد??رين ڏاڍ ۽ تباهي جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن تي هر اک روئڻهارڪي آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جي مهذب ملڪن ان ڏاڍ ۽ بد??رين فسطائي حربن جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. تازي عرصي ۾ اهڙي طرح جا دل ڏکوئيندڙ واقعا ڏسڻ لاءِ نه مليا. هن چيو ته ان ڏاڍ ۾ جهڙي طرح ٻار شهيد ٿيا ان جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان سموري اسلامي دنيا ۽ ٻين ملڪن سان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي آزاد رياست جي بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت ۾ پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ اٿاريندو رهندو.