اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ مع??وم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ بحرين جي ??ادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحرين جي قيادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ان جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي ??والي سان وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي ??ي سي آزاد واپاري مع??هدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي ??لاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي ??وام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي ??ادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي ??واب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جلد کان جلد بحرين جو دورو ڪرڻ جي ??عوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي ??ورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ مع??وم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.