اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي قوم کي ??بارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته چونڊن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اسان جي جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي، سڄي پاڪستان مان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ جمهوريت سان پنهنجي وابستگي، قومي ذميواري ۽ پنهنجي ووٽ جي طاقت تي يقين جو اظهار ڪيو آهي. 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي نگران حڪومت پاران پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته اڄ قوم اسان جي جمهوري سفر ۾ هڪ ٻي تاريخ لکي آهي، سڄي پاڪستان مان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ جمهوريت سان پنهنجي وابستگي، پنهنجي قومي ذميواري ۽ ووٽ جي طاقت تي يقين جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه رڳو اسان جي جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي پر اهو اسان جي ملڪي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ??و. هن چيو ته چونڊن جو پرامن انعقاد سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، آئون انهن سمورن ماڻهن جي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن ان جمهوري مشق ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عالمي ميڊيا، مبصرن، مقامي ميڊيا ۽ فيلڊ ۾ موجود صحافين جا پڻ خصوصي ٿورا مڃيندي چ??و ته توهان جي موجودگي ۽ ڪوريج عالمي سطح تي اسان جي چ??نڊ عمل جي سالميت تي روشني وجهندي شفافيت ۽ اعتبار کي ??قيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول انتظاميا جا پڻ ٿورا مڃيندي چ??و ته هن چونڊ عمل دوران محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اڻٿڪ عزم ۽ محنت سان ڪم ڪيو، انهن جي لگن ان ڳالهه کي ??قيني بڻايو ته پولنگ جو عمل خيرخُوبي سان ۽ ڪنهن وڏي افسوسناڪ واقعي کانسواءِ سرانجام ڏنو ويو جنهن سان هر شهري کي امن ۽ سلامتي سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ??ثالي طرز عمل ۽ چونڊ عمل جي انتظام تي خراج تحسين پيش ڪندي چ??و ته جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ ۽ آزاداڻي، منصفاڻي چ??نڊن کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوشش ۽ لڳاءُ ساراهه جوڳو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران پيشيواراڻي مهارت ۽ ديانتداري اسان جي چ??نڊ عمل ۾ عوام جي اعتماد کي سگهه ڏيڻ ۾ اهميت رکندڙ رهي آهي. نگران وفاقي وز??ر چيو ته هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي هن لمحي ۾ اچو انهن ماڻهن جي لاءِ دعا جي لاءِ هٿ کڻون جيڪي اڄ دهشتگردي جي واقعن جو شڪار ٿيا، الله تعاليٰ مرحومن جي روحن کي ابدي سڪون عطا فرمائي ۽ قوم متحد ٿي انهن جي لازوال قربانين مان ثمر کڻي سگهي. هن چيو ته اچو اسان سڀ پنهنجي جمهوري ادارن جي حمايت ۽ استحڪام جاري رکڻ جو وچن ڪريون. اسان گڏجي مستقبل جي نسلن جي لاءِ هڪ مضبوط، وڌيڪ خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان ٺاهينداسين.