اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طري??ي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي موثر نمائندگي تي ساراهيو. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگ??ان وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگ??ان وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.