گوادر – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيد??ري ڏينهون ڏينهن مستحڪم رهي آهي، آءِ ايم ايف سان آخري قسط جي حوالي سان پڻ اسٽاف ليول ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي اهي، دنيا اسان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي ??ي استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافينس ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ معاونت تي صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته چين سان پاڪستان جي سدابهار اسٽريٽجڪ حصيد??ري آهي، هي ان رخ ۾ هڪ ٻيو قدم آهي، اها دوستي ۽ حصيد??ري ڏينهون ڏينهن مستحڪم ٿي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان خاص طور تي گوادر جي عوام ترقي جي ان سفر مان ف??ئدو کڻي رهي آهي ۽ ترقي جو اهو سفر اڳتي وڌندو، بلوچستان خاص طور تي گوادر جي لاءِ اهڙا موقعا پيدا ٿيندا جيڪي نئين نسل جي بهتر مستقبل جي ضمانت ڏيندا. هن چيو ته مستقبل ۾ ترقي جي سفر ۾ شموليت جي لاءِ بلوچستان ۽ گوادر کي تي??ري ڪرڻ گهرجي، اسان ??ي انهن موقعن جي ڏس ۾ پنهنجي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه مثبت انداز ۾ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ آخري قسط جي حوالي سان اسٽاف ليول ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي، م??ڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ نئين ٺهندڙ حڪومت ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا اسان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تيار آهي، ڪلائميٽ فنانس موجود آهي، اسان ??ي ان مان ف??ئدو کڻڻ جي لاءِ پنهنجي ذميو??ري ادا ڪندي منصوبو تيار ڪري پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو.