لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ت?? نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ??ري رهي آهي. اسان کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوا??ي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي وا?? ناهي بچي. هو ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري ت??ريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي ت?? ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ??ري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئل يونيورسٽي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي تائين کڻي وڃن.