اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چيو آهي ته واپاري برادري ڪاروبار کي فروغ ڏئي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ سميت ٻين اهم معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته چيمبر جي تع??ون سان بزنس ڪميونٽي جي اهم مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن تع??ون ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سان ئي معيشت مضبوط ٿئي ٿي. ملڪي ترقي ڪاروباري طبقي جي خوشحالي سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته روا??گي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي سازي ۾ ڪاروباري طبقي جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي.