اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، اسان پنهنجي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته چونڊ عمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، اسان ??لد چونڊ عمل ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيا آهيون، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي، افغانستان ۾ استحڪام ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان ??ميت ٻين گروپن جي پاڪستان ??ي خلاف افغان ??رزمين جي استعمال تي ڳڻتي آهي، افغان ??بوري حڪومت پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. ترڪ ٽي وي ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان ??حريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) يا پيپلزپارٽي سميت هر سياسي پارٽي جي سياسي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين. جيستائين پرامن احتجاج جو تعلق آهي ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي جڏهن ته پرتشدد احتجاج ڪنهن به طور تي قابل قبول نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊ تڪبنديون اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي ان ??ي عمل به ڪرڻو پوندو. چونڊ تڪبندين تي اعتراض اڳوڻي پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي وقت ٿي سگهيا ٿي ۽ اهو ئي ان ??و صحيح فورم هو. اسان کي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪرڻي آهي. جيڪڏهن آئين اسان کي نئين تڪبندين جو چوي ??و ته اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ??ميت هر ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ سازشي ٿيوريون گردش ڪنديون رهنديون آهن. هن چيو ته عمران ??ان ??ي حڪومت ??ٽا??ڻ جي حوالي سان مداخلت جي الزامن جي پاڻ آمريڪا واضح ترديد ڪئي آهي. ڪجهه وقتن تي سياستدان ??وامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آهن. هن چيو ته اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون. ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪا به ٻاهرئين طاقت پاڪستان ??ي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکنداسين. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت کي اقتدار کان ??دا ڪرڻ جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته آئين ۾ ڪنهن حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ان کي ??ٽا??ڻ جي حوالي سان ??ريقو لکيل آهي، پاڪستان ??ي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان ڪم جي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪيو ويو. ان ??ي لاءِ اهو سڄو عمل آئيني هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان ٽي چار ڏهاڪن کان ??سان ??ي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي. صحت، تعليم، يڪس وصولي يا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي جي حوالي سان ??سان کي چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ اسان کي مجبوري ۾ فوج جهڙي منظم اداري کان مدد طلب ڪرڻي پوي ??ي. هن چيو ته گورننس سميت پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ جي لاءِ اهو سڀ کان ??سان ??ستو آهي ته ان ??و ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏنو وڃي. اسان کي سويلين ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ نيٽو فوج ڪيترن ئي سالن تائين موجود رهي، انهن هتي 2 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا پر ان ??ي باوجود ڪيترائي مسئلا اڄ به موجود آهن ۽ 15، 16 سالن کان ??فغانستان ??ي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملن جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. اسان ??ن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ??ن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 20 سالن تائين آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغانستان ۾ پنهنجو وقت ۽ وسيلا استعمال ڪيا ان ??ي باوجود سينٽرل اٿارٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. اتي هن وقت به مختلف تشدد پسند گروپ موجود آهن جن جو خاتمو پاڪستان ۽ افغانستان ??ي گڏيل مفاد ۾ آهي. پاڪستان ??رحد پار کان ??هشتگردن جي حملن کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي سيڪيورٽي قدم کنيا آهن. تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان ??ي خلاف پرتشدد ڪاررواين جي لاءِ افغانستان ??ي زمين ۾ استعمال ڪري ٿي جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي. اسان ??فغان ??بوري حڪومت سان ??هو معاملو اٿاريندا رهيا آهيون. پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستاني واحد قوم آهي جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان لاڳاپن کي مختلف ڏس ۾ ڏسي ٿو. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش رهيا آهن ته ڀارتي حڪومت به معاشي مسئلن جو شڪار آهي. هن يقين واري انداز ۾ چيو ته پاڪستان ??و مستقبل روشن آهي.