نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي، ڪ??رو??ا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ٻيهر نه ورجائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، وبائي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ ويڪسينز جي دستيابي هر هڪ جي لاءِ ممڪن بڻائڻ ضروري آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ??ي موقعي تي وبائي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل ??ي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران ??زيراعظم چيو ته ڪ??رو??ا وائرس سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، انهن کي لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان ??هتو. هن چيو ته خوش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪ??رو??ا وائرس جي ويڪسين ٺاهڻ سان دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، ويڪسين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون ??ئي، غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان ??يڪسين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ گهرجي. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ??اضي جون ??هي خاميون نه ٿيڻ گهرجن، سائنسي دريافتن تائين پهچ زندگيون ??چائڻ جي لاءِ لازمي آ??ي، ان کي دنيا جي ڀلائي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ ويڪسين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ گهرجي، صحت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، صحت جون ??وائون ??نا فرق تياري، پهچ ۽ اسرندڙ ملڪن کي ٽيڪنالاجي جي پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تياري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ وبائي مرضن کان بچڻ جي لاءِ قدمن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.