نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس ج??لاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ج?? موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس موجب ڌرين ملاقات دوران ٻطرفي، گهڻ رخي ۽ علائقائي معاملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگرا?? پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل خيال رکندڙ بهترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. نگرا?? پرڏيهي وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ڪيوبا پاران ڏني ويندڙ طبي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگرا?? پرڏيهي وزير جيلاني 2023?? ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي دوران ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگرا?? پرڏيهي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ منعقد جي 77 ۽ چين جي سربراهي اجلاس ج?? ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پر??يهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.