اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفا??، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وار?? سلوڪ نه رکنداسين. اها ڳالهه هن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ??ئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت اها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.