اسلام آباد ??? 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائله ڪياني کي جبل چاڙهو جي ميدان ۾ نئين تاريخ قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم کي نائله ڪياني تي فخر آهي جنهن پاڪستان ۾ موجود سمورن 5 ايٽ ٿائوزنڊرز (8 هزار ميٽر کان بلند ??وٽ??ون) سر ڪري ورتيون آهن، هوءَ ا??و ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي. صدر نائله ڪياني کي سندس ڪاميابي تي شاباس ڏني ۽ ان جي مستقبل لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.