پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپ??تو??خواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا. خيبرپ??تو??خواهه صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ورهائڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپ??تو??خواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير اعظم خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي نوجوانن جي معام??ن واري خاص معاون شزه فاطمه، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد به موجود هو.