اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي بحالي جي قومي منصوبن کي سمورين ڌرين جي حمايت حاصل آهي، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، آءِ ٽي روانگي واپار کي 20 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار جي فروغ لاءِنوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، سيڙپڪارن کي ون ونڊو تحت سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) سيمينار ۽ آءِ ٽي منصوبا جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جا ذهين نوجوان باهمت ۽ محنتي آه??، انهن نوجوانن فري لانسر، اسٽارٽ اپس سميت ٻئي ڪاروبار جي ذريعي ترقي ڪئي، اسان جي ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان جا نوجوان مختلف شعبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آه??، انهن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ ۽ مهارتون آه??، اهي سهولتن جي عدم فراهمي، طريقيڪار ۾ مشڪلا??ن ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت جي ادارن جي کوٽ جي باوجود بهترين پيشيواراڻي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، نوجوانن کي سهولتون جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 20 ارب ڊالر روانگي واپار جي صلاحيت آهي، اسان مشڪل صورتحال جي باوجود نوجوانن جي محنت ۽ مهارت سان هر مقصد حاصل ڪنداسين، منهنجو سيڙپڪار منهنجو ماسٽر آهي. هن چيو ته معاشي منصوبن تي عملدرآمد سان ملڪ کي خوشحال بڻائينداسي??، اسان ايس آئي ايف سي جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو رخ تعين ڪري ڇڏيو آهي، ان حڪمت عملي ۾ وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون شامل آه??، ان منصوبي تحت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ دفاعي پروڊڪشن جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪنهن به صورت ۾ ان ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، جيڪڏهن اهي هتي سيڙپڪاري ڪندا ته انهن کي منافعو ملندو، پاڪستان ۾ پيداوار ۾ اضافو، نوڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو، مون کي ان ماڊل تي اعتماد آهي. هن چيو ته پاڪستان جلد قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو، اڻٿڪ محنت سان ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسي??، ان فريم ورڪ تحت ڪاروباري ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو ويندو، سبز انقلاب سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو، اسان متحد ٿي اڳتي وڌنداسين ۽ تاريخ بدلائينداسين، نوجوانن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، گذريل چار سال دوران سوشل ميڊيا جي ذريعي الزام بازي ڪري وقت ضايع ڪيو ويو، اسان کي ماضي کي وساري ڪاميابي جي لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو ڇو ته هي اسان جي لاءِ سنهري موقعو آهي. سيمينار ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، دفاع، دفاعي پيداوار، سيڙپڪاري بورڊ، پرڏيهي معامل??، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪش??، اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير??، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين، آءِ ٽي ماهرن، سينيئر آرمي ۽ سول آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ نار ملڪن، چين ۽ يورپي يونين مان سيڙپڪار ۽ پرڏيهي سفارتڪار به شريڪ ٿيا. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ کانپوءِ نيشنل آءِ ٽي سيمينار آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??يو پيو وڃي. اهو سيمينار سمورين ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندو. مقامي ۽ غيرملڪي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ تعليمي ادارن جي ماهرن ايس آئي ايف سي پليٽ فارم جي ذريعي ڪوششن کي گڏ ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب آڻ?? جي لاءِ حڪومت جي پرخلوص تعاون کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن ان اهم شعبي تي ڌيان ڏيندي قومي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ سول ۽ عسڪري ماهرن جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي کي متحرڪ آمدني پيدا ڪرڻ ۽ فروغ پذير صنعت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي وڏي آءِ ٽي ڪمپنين پاران هنيل بوٿس جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، فرسٽ نالج پارڪ فار وومين باغ (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ايگري ٽيڪ انڪيوبيٽر فيصل آباد ۽ سينٽر آف ايڪسيلنس ان گيمنگ اينڊ ايني ميشن جو افتتاح ڪيو.