اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذو??ي جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي ادا??ي جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چي?? ته هنرمند خصوصي ماڻهن جي نوڪ??ي جي لاءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چي?? ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪيل معذو??ي جي درجابندي جي فريم ورڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چي?? ته اهو فريم ورڪ معزو??ي جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي لاءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذو??ي جي سرٽيفڪيٽس کي اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏن?? ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذو??ي جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين جنهن سان خصوصي ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏن?? ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ڏن?? ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.