اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي ??ناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) ۽ پاڪستان حڪومت پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايش??ا ۽ بحرالڪاهل جي خطي ۾ پناهگيرن جو انگ 2021ع ۾ 4.2 ملين مان وڌي 2022ع جي آخر تائين 6.8 ملين تائين پهچي ويو. خطي جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پناهگير رڳو ٽن ملڪن ايران، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ رهيل آهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري عملدارن، سفارتي مشنز جي سربراهن، اين جي اوز ۽ گڏيل قومن جي ايجنسين، حصيدارن ۽ پناهگيرن عالمي پناهگيرن جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر خاص مهمان هئي. افغان پناهگيرن بابت چيف ڪمشنر عباس خان پڻ ان موقعي تي موجود هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ يو اين ايڇ سي آر جي ??مائنده نوريڪو يوشيدا پناهگيرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم ۽ صحت تائين پهچ فراهم ڪندڙ ميزبان ڪميونٽيز جي ??راخدلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان ملڪ ۾ پناهگيرن جي ??اءِ پنهنجي سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ڪندو رهندو. پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر سڄي دنيا ۾ بي گهر ٿيندڙن جي ??ڌندڙ انگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي سطح تي بي گهر ٿيندڙن جو وڌندڙ انگ پاڪستان تي منفي اثر وجهي رهيو آهي جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي ڊگهي عرصي کان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مالي چئلينجن جي باوجود اسان افغان ۽ ٻين پناهگيرن جي ??اءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن جڏهن ته عالمي برادري کي ذميواري جي حصيدار طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ??اءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته افغانين جي حفاظت ۽ وقار سان رضاڪاراڻي واپسي پاڪستان جي ??اءِ ترجيحي حل آهي، افغانستان ۾ واپس ايندڙ خاندانن کي مسلسل مدد فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن واپسي پائيدار ٿئي. ان موقعي تي افغان پناهگيرن جي چيف ڪمشنر عباس خان ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ افغان پناهگيرن جي ??ارن ثقافتي پرفارمنس پيش ڪئي. هڪ آرٽ جي ??مائش ۽ پناهگيرن جي ??ٿن سان ٺهيل شيون پڻ نمائش ۾ پيش ڪيون ويون.