اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ محمد ??اس??ن ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل سال محمد ??اس??ن ملڪ کي هڪ ت??راري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام ه??يا ويا ۽ ان کي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته اهم ڪشميري اڳواڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته محمد ??اس??ن ملڪ کي خاندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ڀارت جو تازو قدم س??اس?? انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي جنهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي جتي س??اس?? اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عم??دا??ن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ??اس??ن ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ کي معياري علاج فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاداڻي طور تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي پڻ ورجايو ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طور تي آزاد ڪرڻ گهرجي جن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.