اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ??يف بي آر جي درخواست رد ڪندي ??يف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائونٽنٽ ڪمپني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي معلومات ??يف بي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏيندڙ جي معلومات ڪمپني جي مالڪ کي ليڪ ڪئي وئي جنهن تي ملازم کي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ??يف بي آر وضاحت ڪري ته هو قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي وصولي لاءِ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طور تي ڇو استعمال نه ڪري سگهيو. ??اڪ??ر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ??يف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ??يف بي آر پنهنجي لاڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪري. صدر هد??يت ڪئي ته ??يف بي آر اطلاع ڪندڙ کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ۽ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طور تي استعمال ڪري. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا مالي بي ضابطگين بابت معومات جو مڪمل فائدو نه کڻڻ تي ??يف بي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏيندڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان قانونسازي جي سخت خلاف آهي. هن چيو ته معلومات مان فائدو کڻڻ بدران ??يف بي آر تمام گهڻي سس??ي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محمد الياس ناردرن ٽولنگز پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو، هن ??يف بي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏيندڙ طور رجسٽرڊ ڪيو ويو. ??يف بي آر ڪمپني جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ 1.5 ڪروڙ رپين جي وصولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ڪيل معلومات صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ کي اطلاع ڪندڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ڪئي جنهن تي ڪمپني اڪائونٽنٽ کي پوليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌمڪيون ڏنيون. شڪ??يت ڪندڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪ??يت ڪئي جنهن ملازم کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي جڏهن ته ??يف بي آر فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو حڪم رڳو ??يف بي آر جي فرض جو ورجاءُ آهي ته معلومات مڪمل طور تي استعمال ڪئي وڃي، ??يف بي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي وصولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪري. صدر ??اڪ??ر عارف علوي ??يف بي آر کي معاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي وڌيڪ هد??يت پڻ ڪئي آهي.