ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوات جي سينيئر جيالي عبدالواحداف جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳوڻي ضلعي صدر عبدالسلام، محمد لقمان ۽ زوهيب حسن ايڊووڪيٽ سان سندس ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. هن تعزيتي پيغام ۾ چيو ته حاجي عبدالواحداف جون پارٽي جي لاءِ ??دمتون ۽ قربانيون ڊگهيون آهن، مرحوم پارٽي قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندو، دعاڳو ??هيان، الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.