اسلا?? آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبل?? سيڪٽر انٽرپرائيزز جنهن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ ڪئي آهي انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبل?? سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبل?? سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي عمل جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندڙن سان ڳالهائين??ي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبل?? سيڪٽر انٽرپرائيزز جي نجڪاري جي عمل جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبل?? سيڪٽر انٽرپرائيزز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ آهي انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.