اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي ??فسوس ??و اظهار ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي ??نساني جانين جي زيان تي ??مام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي هم??رد?? ۽ تعزيت ??و اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. وز??را??ظم چيو ته موسمياتي ??بديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي ??فتن ۽ موسمياتي ??باهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وز??را??ظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وز??را??ظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.