اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عبوري مئنيجمي??ت ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي ف??وغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ا??اراج??تي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي ف??وغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ سخت محنت ۽ ڀرپُور جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.