اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ٻين علائقن ۾ ده??تگردن جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ده??تگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، ده??تگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رياست ڪنهن به ده??تگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، ده??تگردن کي آئين ۽ قانون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت ده??تگردن جي ٻاهرئين سهولتڪاري ۽ پناهگاهن جو خاتمو به ڪندي، پوري قوم دلير فوج سان گڏ ده??تگردي جو خاتمو ڪري رهندي. وزراعظم ده??تگردي ج?? خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب ده??تگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيو?? نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪ??ي سگهي. وزيراعظم چيو ته ده??تگردي جي مقابلي لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ده??تگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو ده??تگردي جي خاتمي ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن ۾ ده??تگردي جي خاتمي واري فورس ۽ ڊپ??رٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپ??رٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.