اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيوروڪريسي کي ڪارڪردگي ۽ پهچ کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن تائين وڌائڻ ۽ ماڻهن کي ان??ن جي درن تي بنيادي خدمتن جي معياري ۽ تيز تر فراهمي کي يقيني بڻائيندي خدمت تي ٻڌل شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته بنا ڪنهن پريشاني جي تيز رفتار خدمتن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري عوام کي ريليف فاهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ 117 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو جن ۾ مختلف سروسز ۽ پيشيواراڻي گروپن جا سينيئر سرڪاري ملازم شامل هئا. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته بيوروڪريسي کي پنهنجون توانائيون، صلاحيتون، علم ۽ مهارت کي پاڪستاني عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ لڳائڻ گهرجن ۽ ملڪ جي سمورن حصن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي ماڻهن تائين خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. هن ??يو ته عوام جي ڀلائي سان وابستگي بيوروڪريسي جو مرڪزي ٿنڀ هجڻ گهرجي جنهن جي لاءِ اڪثر وقت پئسو نه پر روين ۾ تبديلي جي ضرورت هوندي آهي. صدر مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجيز جي مدد سان ان جي دير، ڪارڪردگي ۽ نتيجن ۾ غيرمعمولي اضافي جي لاءِ پاڪستان جي بيوروڪريٽڪ عمل جو جائزو وٺڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ??يو ته بيوروڪريسي کي مسئلن کي نشاندهي ??رڻ، ماضي جي ڪامياب تجربن تي غورڪرڻ، سڄي دنيا جي بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مقرر ٽائيم لائين سان گڏ اهم ڪارڪردگي جا گولز جوڙي مسئلن جو حل فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته پاڪستان کي آبادي ۾ اضافي جو چئلينج درپيش آهي، جيڪو ان جي محدود وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي جڏهن ته آئوٽ آف باڪس آئيڊياز ۽ حل اسان جي آبادي ۾ اضافي کي بهتر طريقي سان منظم ڪرڻ ۽ ان آبادي کي معاشي ۽ مالياتي اثاثي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر ??يو ته جيتوڻيڪ صوبن پنهنجي بجيٽ جو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ تعليم تي خرچ ڪيو تنهن هوندي به تعليمي خدمتن جي معيار ۽ ڪاٿي ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. هن موجوده اسڪولن جي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ نئين سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ سول بيوروڪريسي جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن وڌيڪ ??يو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي ۽ سازگار حالتون ان??ن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهن ٿيون ۽ ان??ن جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ کي يقيني بڻائيندا. هن دماغي ۽ نفسياتي مرضن ۽ مسئلن جي صورتحال تي پڻ روشني وڌي ۽ ??يو ته اسان جي 24 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن. هن معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا کي خاص طور تي آءِ ٽي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ قابل ۽ هنرمند انساني وسيلن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي نوجوانن کي گهربل علم، تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اهو ان??ن کي هڪ اعليٰ پيداواري انساني وسيلن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. صدر ??يو ته سڄي دنيا جي تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته هائبرڊ ۽ آن لائين تعليمي نظام معيار ۽ لاڳت جي لحاظ کان وڌيڪ موثر آهي. هن وڌيڪ ??يو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن کي گهرجي ته اهي هائبرڊ ۽ آن لائين تعليمي نظام جي بهترين طريقن کي استعمال ۾ آڻين ته جيئن تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن تائين پهچ کي وڌائي سگهجي. صدر انصاف جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي جنهن سان ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.