سکر-27 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ??ذريل ڏينهن سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز مه??ي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مه??ي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 ??ڪٽ??بر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ??اڪ??تاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.