استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم ا??ڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثقافت و??ري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻط??فن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم ا??رنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم ا??ڊسٽري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمساز?? کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم ا??ڊسٽري جي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاو?? کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثقافت و??ري وزير پاڪستان سان اطلاعات ۽ فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلاعات و??ري وفاقي وزير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.