اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پ??ش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر منيب افضل جي والد ۽ ميجر خرم شهزاد جي ڀاءُ سان تعزي?? ڪئي. صدر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار عبدالواحد، نائيڪ جليل انجم، سپاهي محمد عم??ان ۽ سپاهي شعيب خان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار جاويد اقبال ۽ نائيڪ حسين احمد جي پونئيرن سان پڻ تعزي?? ڪئي. صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ نائيڪ ع??دالرشيد ۽ سپاهي رسول بادشاهه جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پ??ش ڪريون ٿا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.