اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو چيو آهي ته موسمياتي ??بديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي پر پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب اهي ئي موسمياتي ??بديليون آهن، جن ترقي يافته ملڪن جو ماحولياتي ??بديلين ۾ وڏو حصو آهي انهن کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد جي ل??ءِ اڳتي ??چڻ گهرجي، ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ اسان کي سڀاڻي بدران اڄ عملدرآمد جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، عوام کي تعليم جي سهولتن، غربت ۽ عدم برابري جي خاتمي ۽ بهتر مستقبل جي ل??ءِ ايس ڊي جيز تي ??ملدرآمد انتهائي اهم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي ل??ءِ ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي ٽ??ين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر رومينه خورشيد عالم پڻ خطاب ڪيو. بين الپارلياماني يونين جي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود آءِ پي يو سيمينار منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايس ڊي جيز سموري انسانيت جي ل??ءِ اهم آهي هن وقت پاڪستان کي ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي قدرتي ??فت درپيش آهي اسان ان تي پاڪستان سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ايتري وڏي پئماني تي قدرتي ??فت ناهي ڏٺي جنهن ۾ ڪروڙين انسان متاثر ٿيا آهن، هزارين فوتگيون ٿيون، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، فصلن کي نقصان پهتو، معيشت تباهه ٿي. هن چيو ته اهو سڀ موسمياتي ??بديلين جو نتيجو آهي، سڄي دنيا ۾ عوام موسمياتي ??بديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ملڪن جو موسمياتي ??بديلين ۾ تمام وڏو هٿ آهي، اهي اڳتي وڌي پاڪستان جي مدد ڪن، ان کانسواءِ موسمياتي ??بديلين جي حوالي سان به انهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ايس ڊي جيز جي اهميت تي ??وشني وجهندي چيو ته پاڪستان پاران انهن هدفن جي روزاني جي بنياد تي نگراني جي ل??ءِ پارلياماني ٽاسڪ فورس جو قيام احسن قدم آهي. هن چيو ته اسان جو ماحول اسان جي پنهنجي مستقبل جي ل??ءِ آهي اسان کي ان جو تحفظ ڪرڻو آهي، ان جي اثرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ان جو ختمو نه ڪيو ويو ته اهي پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم، صحت ۽ معيشت جي بهتري ل??ءِ هزاريه ترقياتي هدف اهم آهن، غربت، عدم برابري، بهتر دنيا ۽ خوشي جي ل??ءِ ايس ڊي جيز اهم آهن. هن چيو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون اهي پنهنجي مسئلن جي حل ل??ءِ اسان طرف ڏسي رهيا آهن، موسمياتي ??بديلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اسان کي فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پنهنجي تجربن مان هڪ ٻئي کي فائدو کڻڻو آهي. هن چيو ته هتان جڏهن اسان پنهنجي ملڪن ۾ وڃون ته ايس ڊي جيز جي هدفن تي ??ملدرآمد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪريون، هو اسان جي حڪومتن جي بجيٽ جي منظوري ۽ ترجيحن ۾ اولين حيثيت رکندڙ هجڻ گهرجي.