اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ س??ور?? ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هي??ٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هي??ٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ ج?? ڪيترن ئي ضلعن ۾ هي??ٿ ڪيم??ون ڪم شروع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ ج?? 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هي??ٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هي??ٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ س??ور?? ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.